شهباز شريف 13 رُڪني وفد سوڌو عمري جي ادائگي لاءِ سعودي عرب روانو

0
188
شهباز شريف 13 رُڪني وفد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعطم شهباز شريف 13 رُڪني وفد سوڌو عمري جي ادائگي لاءِ سعودي عرب روانو ٿي ويو،  وزيراعظم جي وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير خواجه آصف، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، سالڪ حسين، شاهزين بگٽي، محسن داوڙ ۽ ٻيا شامل آهن

سعودي عرب جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزاد بن سلمان سوڌو ٻين اعليٰ عهديدارن سان ملاقاتون ڪندو

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ سعودي قيادت وچ ۾ ملاقاتن دوران 7 ارب ڊالرز جي پيڪيج سوڌو ٻطرفن لاڳاپن تي به ڳالهيون ٿينديون

ھي به پڙھندا

حمزه شھباز نه پر عثمان بزدار پنجاب جو وڏو وزير آھي: پرويز الاھي