اسلام آباد (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ شهباز شريف فلسطين جي سفارتخاني پهتو جتي فلسطيني سفير سان ملاقات ڪئي، شهباز شريف اسرائيلي حملن ۾ فلسطيني ٻارن جي شهادت تي افسوس ۽ مذمت ڪئي، هن چيو ته دنيا بيگناهه فلسطينن جي قتل عام تي اکيون ٻوٽي نٿي سگهي، اوهان انسانيت جا حامي آهيو يا دهشتگردي جا اهو فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي.