اسلام آباد(م ڊ) پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ نامياري قانوندان اعتزاز احسن امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم شهبازشريف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ۽ قانون واري وزير سان گڏ عمران خان جي نااهلي جو خطرو به موجود آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي اعتزاز چيو ته 14 مئي ۽ 2 آڪٽوبر وچ ۾ ڪنهن تاريخ تي چونڊون ڪرائڻ تي چيف جسٽس حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهي ٿو، اها چيف جسٽس وڏي فراخدلي ڏيکاري آهي، عمران  خان خلاف ايترا ريفرنس لٽڪيل آهن، سپريم ڪورٽ ۾ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، ٻه ٽن سالن کان چئي رهيو آهيان ته وڏي شديد گروپنگ آهي، ان ۾ جج هڪ ٻئي سان هٿ نٿا ملائن،جسٽس بنديال جهيڙو ڪرڻ وارو ناهي، هن عدالت ۾ ڪڏهن اونچي آواز ۾ ناهي ڳالهايو پر  ان کي به گروپنگ ۾ ڦاسايو ويو آهي،