اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف پاران عمران خان خلاف عزت کي ڇيهو رسائڻ جي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، ايڊيشنل سيشن جج لاهور محمد عرفان بسرا عمران خان جي شهباز شريف  پاران داخل ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي،  عدالت جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته درخواست گذار عدالتي سوال نامو جمع ڪرائي ڇڏيو هو، عمران خان مقرر ڪيل قانوني طريقي مطابق جواب جمع نه ڪرايو، هر هر موقعو فراهم ڪرڻ باوجود عمران خان جواب نه جمع نه ڪرايو، 24 نومبر 2022ع جي عدالتي فيصلي تحت عمران خان دفاع جو حق پهريان ئي وڃائي چڪو آهي، دفاع جو حق وڃائڻ  جي ان حڪم کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ به برقرار رکيو آهي، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف ٻڌايو ته اهو پارٽي سربراهه ۽ وزيراعظم آهي، ان جي ساک کي نقصان پهتو آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت جو وقت ضايع ڪرائڻ لاءِ عمران خان پاران نئين درخواست جمع ڪرائي وئي، عمران خان کي ٻيهر اهڙي درخواست داخل ڪرائڻ جو حق نه آهي جنهن کي پهريان ئي رد ڪيو ويو هجي، عمران خان پاران جمع ڪرايل جواب قانوني طريقيڪار مطابق نه آهي، جواب صرف قانوني طريقي مطابق ئي جمع ڪرائي سگهجي ٿو.