شهباز شريف جي ضمانت ٿيڻي آهي يا نه، حقيتون ڄاڻي فيصلو ڪنداسين: عدالت

0
255

لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ضمانت واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪيس جون حقيتون ڄاڻي فيصلو ڪري سگهنداسين ته شهباز شريف جي ضمانت ٿيڻي آهي يا نه، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر جي سربراهي ۾ جسٽس عاليه نيلم ۽ جسٽس شهباز رضوي تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ شهباز شريف جي ضمانت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ شهباز شريف جو وڪيل اعظم نذير تارڙ عدالت ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي اعظم نذير چيو ته منهنجي 27 سالا وڪالت ۾ ائين ناهي ٿيو ته ٽن ڏينهن بعد فيصلو تبديل ٿيو هجي، ان تي عدالت چيو ته جيستائين فيصلو نه ڏسو ڪڏهن به پنهنجي سائل کي نه ٻڌايو، اعظم نذير چيو ته عدالت ضمانت منظور ڪئي پر فيصلو تبديل ڪيو ويو، ان تي عدالت چيو ته جيستائين لکت ۾ حڪم نٿو اچي ڪو به اندازو نه لڳائڻ گهرجي، هي توهان جي لاءِ سبق آهي، عدالتي ريمارڪس تي شهباز شريف جي وڪيل چيو ته اسان روز هتان سکي رهيا آهيون، عدالت ٻنهي فيصلن تي غور ڪري، خوف آهي ته ڪٿي هي ڪيس پاڻمرادو ٻڌڻي تي نه هليو وڃي، عدالت چيو جيڪڏهن فيصلو ڏسنداسين ته مامري کي سمجهي نه سگهنداسين، اسان کي فيصلو ڏسڻو آهي پر جيڪو انهن سبب لکيو آهي اهي به ته واضح هجن، جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته شهباز شريف جي ضمانت واري ڪيس ۾ جسٽس اسجد جاويد گهرال جي اختلافي نوٽ تي چيف جسٽس قاسم فل بينچ جوڙِي آهي..