اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ 1947 کان هن وقت تائين ڪنهن حڪومت ۾ ڊالر جي قدر ۾ ڪيترو اضافو ٿيو ان جا تفصيل سامهون اچي ويا آھن ، مسلم ليگ نواز جي حڪومتي دورن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊالر جي قدر ۾ واڌ، ٻئي نمبر تي عمران خان  جي دور  ۽ ٽئين نمبر تي پيپلزپارٽي جي حڪومتي دورن ۾ ڊالر جي ملهه ۾ اضافو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آھي ته انگريزن کان آزادي ملڻ بعد جڏهن 15 آگسٽ تي پاڪستان ۾ پهرين حڪومت قائم ٿي تڏهن ڊالر جو اگھه صرف 3 رپيا 30 پيسا هو، آزادي کانپوءِ ڊالر جي اگھه ۾ پهريون ڀيرو محمد علي بوگرا جي ٻن سالن ۽ 117 ڏينهن جي حڪومت دوران 1 روپيو 45 پيسن جي واڌ ٿي، جنهن بعد ڊالر جي قيمت 3.30 رپين کان وڌي 4 رپيا 76 پيسا ٿي وئي، اسٽيٽ بينڪ جي انگ اکرن موجب ملڪي تاريخ ۾ ڊالر جي قدر ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو مسلم ليگ ن جي حڪومتن ۾ ٿيو آھي، مسلم ليگ ن جي حڪومتن ۾ مجموعي طور تي ڊالر جي قيمت ۾ 137 رپيا 72 پيسن جو اضافو ٿيو آھي جن ۾ ميان نواز شريف جي پهرين حڪومتي دور 6 نومبر 1990 کان 18 جولاءِ 1993 دوران ڊالر جي قدر ۾ 8.92 رپين جي واڌ ٿي جنهن سان ڊالر 21.90 پيسن کان وڌي 29.92 رپيا ٿي ويو ، نواز شريف جي ٻئي حڪومتي دور 17 فيبروري 1997 کان 12 آڪٽوبر 1999 تائين ڊالر جي قدر ۾ 11.52 رپين جي واڌ ٿي جنهن سان ڊالر 40.22 رپين کان وڌي 51.75 رپين تائين پهتي ميان نواز شريف جي ٽئين حڪومتي دور 5 جون 2013 کان 28 جولاءِ 2017 تائين  ڊالر جي قدر ۾ 6.42 رپين جي واڌ ٿي جنهن سان ڊالر 98.90 رپين کان وڌي 105.32 روپين تي پهچي ويو ائين نواز شريف جي نااهلي بعد قائم ٿيل شاهد خاقان عباسي جي 1 آگسٽ 2017 کان 31 مئي 2018 تائين جي حڪومت ۾ ڊالر جي قدر ۾ 10.12 پيسن جي واڌ ٿي ڊالر 105.32 رپين کان وڌي 115.44 رپيا ٿي ويو جڏهن شهباز شريف جي 11 اپريل 2022 ۾ حڪومت قائم ٿي ڊالر جي قيمت 184.35 روييا هئي شهباز شريف جي حڪومت ۾ ڊالر وڌي 285.09 روپين تي پهچي ويو ائين شهباز شريف جي حڪومت ۾ ڊالر جي قدر ۾ 100.74 رپين جي واڌ ٿي چڪي آھي، ٻئي نمبر تي ملڪي تاريخ ۾ ڊالر جي قدر ۾ عمران خان جي حڪومت دوران واڌ ٿي آھي عمران خان جي جڏهن 18 آگسٽ 2018 تي حڪومت قائم ٿي تڏهن ملڪ ۾ ڊالر جي قيمت 124.01 پيسا هئي، عمران جي جڏهن 10 اپريل 2022 تي حڪومت ختم ٿي ته ڊالر جي قيمت وڌي 184.35 رپيا ٿي ويو يعني ڊالر جي قيمت ۾ 60.34 روپين جي واڌ ٿي. جڏهن ته پيپلزپارٽي جي حڪومتن دوران مجموعي طور تي ڊالر جي قيمت ۾ 53.30 رپين جي واڌ ٿي جنهن ۾   ڊالر جي قيمت ۾ 6.24 رپين جي واڌ 1971 جي جنگ ۽ ڍاڪا سانحي بعد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومتي دور 24 ڊسمبر 1971 کان 14 آگسٽ 1973 دوران ٿي، جنهن سان ڊالر 4.76 رپين کان وڌي 11 رپين جو ٿي ويو هيو پر ذوالفقار علي ڀٽو جي بطور صدر حڪومت ختم ٿيڻ کان اڳ ڊالر گهٽ ٿي 9.90 رپين جو ٿي ويو هيو جڏهن ته 1973 جي آئين تحت وزير اعظم طور ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت 14 آگسٽ 1973 کان 5 جولاءِ 1977 تائين رهي ان حڪومت ۾ ڊالر جي قدر ۾ ڊالر جي قدر ۾ ڪو به اضافو نه ٿيو ۽ ڊالر 9.90 رپين تي برقرار رهيو، محترمه بينظير ڀٽو جي 2 ڊسمبر 1988 کان 6 آگسٽ 1990 تائين جي پهرين حڪومت دوران ڊالر جي قدر ۾ 3.10 رپين جو اضافو ٿيو ،ڊالر 18.69 رپين کان 21.79 رپيا ٿي ويو، محترمه بينظير ڀٽو جي 19 آڪٽوبر 1993 کان 5 نومبر 1996 تائين ٻئي حڪومتي دور ۾ ڊالر جي قيمت ۾ ملڪ اندر 10.10 رپين جي واڌ ٿي، ڊالر 30.12 رپين کان وڌي 40.22 پيسا تي پهتو، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد قائم ٿيل پيپلزپارٽي جي يوسف رضا گيلاني جي 25 مارچ 2008 کان جون 2012  تائين جي حڪومت دوران ڊالر جي قيمت ۾ 21.09 رپين جي واڌ ٿي، جنهن بعد ڊالر 64.48 رپين کان وڌي 85.57 روپيا ٿي ويو هو، يوسف رضا گيلاني جي نااهلي بعد 22 جون 2012 کان 24 مارچ 2013 تائين جي حڪومت ۾ ڊالر جي قدر۾ 3.73 روپين جي واڌ ٿي جنهن بعد 98.34 رپين جو ٿي ويو  جڏهن ته ضياءَ الحق جي آمريت ۾ 8.44 رپيا ڊالرمهانگو ٿي 9.90 رپين کان وڌي 18.34 رپين جو ٿي ويو،  پرويز مشرف جي آمريت ۾ ڊالر جي اگهه ۾ 12.73 رپين جي واڌ ٿي جنهن سان ڊالر 51.75 رپين کان وڌي 64.48 رپيا ٿي ويو.  ضياءَ الحق جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ بعد اسحاق خان 17 آگسٽ 1988 کان 2 ڊسمبر 1988 تائين وقتي صدر رهيو، سندس دور ۾ ڊالر جي قدر ۾ 35 پيسن جو اضافو ٿيو، نگران وزير اعظم غلام مصطفيٰ جتوئي جي 6 آگسٽ 1990 کان 6 نومبر 1990 تائين جي نگران حڪومت ۾ 11 پيسن جو ڊالر جي قدر ۾ اضافو ٿيو، معين قريشي جي 18 جولاءِ 1993 کان 19 آڪٽوبر 1993 تائين جي نگران حڪومت ۾ 21 پيسن جو ڊالر جي قدر ۾ اضافو ٿيو ، هزار خان کوسي جي 25 مارچ 2013 کان 4 جون 2013 تائين جي نگران حڪومت ۾ ڊالر 56 پيسا مهانگو ٿيو جسٽس ناصر الملڪ جي 1 جون 2018 کان 18 آگسٽ 2018 تائين جي نگران حڪومت ۾ ڊالر جي قدر ۾ 8.57 پيسن جي واڌ ٿي.