شهباز سان لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا، همدرديون نه کپن: آئما بيگ

0
217

لاهور (شوبز نيوز) جڳ مشهور پاڪستاني ڳائڻي آئما بيگ اداڪار شهباز شگري سان واسطو ختم ٿيڻ جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو. آئما بيگ انسٽاگرام تي اسٽوري پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن گردش ڪندڙ افواهن جي تصديق ڪندي لکيو ته” مان هن شخص سان گڏ گذاريل سٺين گھڙين جي ڪري سندس احترام ڪندي آهيان، اڪثر وقت اسان کان ڪجهه غلطيون ٿي وڃن ٿيون جن جا ڪارڻ هوندا آهن

ڳائڻي مداحن لاءِ لکيو توهان جي سوالن جي جواب ۾ مان اهو ئي چوندس ته جي ها! اسان ٻنهي پنهنجا رستا ڌار ڪري ورتا آهن پر اسان ٻئي خيريت سان آهيون انهي ڪري پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، مان هن رشتي کي سٺي طرح ختم ڪرڻ چاهيان پئي جيڪو مون ڪيو.”مهرباني ڪري هاڻ همدردي لاءِ وڌيڪ پيغام نه موڪليو، اسان بلڪل ٺيڪ آهيون

ميوزڪ زندگي آهي، هاڻ ڏسڻو آهي ته هي اسان کي ڪيڏانهن وٺي پئي وڃي. ياد رهي ته آئما بيگ جي شهباز شگري سان گذريل سال مڱڻي ٿي هئي، شهباز شگري جي ان کان اڳ اداڪارا عائشا لينا سان شادي ٿي هئي پر 2018 ۾ ٻئي ڌار ٿي ويا