ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته نواز شريف اهليت تي نااهل ٿيو يا نه ان باري ۾ نه پڇو، مون وٽ اهڙيون ڳالهيون آهن جو بيان ڪريان ته هيجان پکڙجي وڃي. ڪاش اهو ٻڌائي سگهان ته ميٽنگن ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون ته توهان کي ان سوال جو جواب ملي وڃي ته نواز شريف سان انصاف ٿيو يا نه ٿيو. هن چيو ته مون پانامه ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ کي خط لکڻ کان روڪيو. جي آءِ ٽي ۾ ايم آءِ ۽ آءِ ايس آءِ کي شامل ڪرڻ جي به مخالفت ڪئي هئي. هن چيو ته شهباز شريف جي ڪارڪردگي ٻڌائي ٿي ته هو وڏي وزير طور وڌيڪ بهتر آهي وزيراعظم طور نه. هن چيو ته اسان سياستدان جاءِ ڏيندا آهيون ته ئي فوج ۽ ٻين ادارن کي موقعو ملندو آهي اسان جاءِ نه ڏيون ته ڪنهن کي به موقعو نه ملندو.