اسلام آباد (بيورورپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم ٻڌائي 20 ارب روپيه ڪٿي ورهايا. نومبر ۾ ٿيندڙ اهم مقرري هاڻ چورن هٿان نه ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ چيو ته معاشي طور تي ملڪ کي ناقابل علاج بنايو پيو وڃي. هماليه کان گهري دوستي وارا به پئسا ڏئي هاڻ تنگ ٿي ويا آهن هي هر جڳهه تي وڃي پئسا گهرندا آهن پوءِ چون ٿا ته پئسا گهرڻ نه آيا آهيون. بابر اعواڻ چيو ته 20 ارب روپيه ڪهڙن ٻوڏ متاثرن ۾ ورهايا ويا. ڪنهن وٽ به ڪا لسٽ ناهي. سنڌ حڪومت 8 ارب روپيه ورهائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي انهن جيڪڏهن 8 پٽاٽا يا 8 ڪيلا به ورهايا هجن ها ته ڪيترائي ماڻهو ماني کائي سگهيا ٿي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته صدر عارف علوي نيب ترميم جو رستو روڪي رکيو. شهباز شريف جي اسپيڊ رڳو مني لانڊرنگ ۽ پئسا معاف ڪرائڻ وارن ڪمن تي آهي اين آر او ٽو جي نتيجي ۾ 2400 ارب روپين جي جوابدارن کي معافي ملي وئي آهي. بابر اعواڻ چيو ته نيب ترميم سان شريف خاندان جيڪي قرض معاف ڪرايا هئا اهي هاڻ جائز ٿي ويا. پهرين جنوري 1985ع کان اڳ بئنڪ مان ڦر ڪندڙ سميت سمورا ڏوهه معاف ٿي ويا آهن. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته نيب ترميم تحت هنن جي گهر ڀاتين جا اثاثا جوابدار جي طور تي ظاهر نه ٿيندا. اها ترميم ان لاءِ آهي جيڪي لنڊن مان دوا وٺڻ ويا هئا. زال يا ٻارن جي نالي تي ڪرپشن جو اڪائونٽ کلندو ته ڪجهه نه ٿيندو. بابر اعواڻ ٻڌايو ته آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس هاڻ نيب کي ثابت ڪرڻو پوندو. ڊي سي جيڪڏهن ڪنهن بنگلي جي قيمت ڪروڙن جي بجاءِ ٽڪن ۾ لڳائي ته اها حتمي هوندي. جوابدار کان پئسن جي برآمدگي جي صورت ۾ مال سپريم ڪورٽ جي فيصلي تائين واپس نه ملندو پر هاڻ گڏيل جوابدار کي استعمال ۽ وڪرو ڪرڻ جي اجازت هوندي. وڪرو ٿيڻ کان پوءِ مال ڪنهن ٻئي جي ملڪيت بڻجي چڪو هوندو. بابر اعواڻ چيو ته عمران خان خلاف 21 ڪيس آهن ايتريون ته اسلام آباد ۾ بازارون نٿيون لڳن. ايترو دلير آءِ جي آهي جو هڪ تقرير کان ڊڄي ويو. بابر اعواڻ چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) وارا چون ٿا ته اسان مهانگائي ختم ڪرڻ لاءِ اقتدار ۾ آيا آهيون پر 1995 کان اڳ ڏوهه ختم ڪيا ويا هئا ۽ هاڻ 2 هزار 400 ارب روپيه معاف ڪيا ويا آهن.