اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر پاران پنجاب اسيمبلي جي تڪن تي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ کانپوءِ حڪمران اتحاد ۾ شامل ٽن وڏين پارٽين جي سربراهن جو اجلاس، اتحادي پارٽين جي سربراهن جي راءِ تقسيم ٿي وئي آھي، وزير اعظم جي ترجمان تصديق ڪندي ٻڌايو آھي ته وزير اعظم هائوس ۾ اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي سربراهه آصف علي زرداري ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي وزير اعظم شبهاز شريف سان ملاقات ٿي، جنهن دوران ملڪي سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي، ذريعن مطابق ملاقات دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ ڪرائڻ گهرجي جڏهن پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪي پي ڪي ۾ چونڊ مهم هلائڻ جهڙي صورتحال نه آھي پهريان امن امان بهتر ڪرڻ گهرجي، ذريعن مطابق ٽنهي اڳوڻن جو چونڊ واري مامري تي موقف تقسيم ٿي ويو، ملاقات ۾ اتفاق ٿيو ته موجوده صورتحال بابت اتحادين سان مشاورت جو عمل جاري رکيو ويندو.