ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ رياض الشمس ۽ انسائيڪلو پيڊيا آف ٽنڊو محمد خان جي ڪتابن جي مهورت تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ نئين تخليق کي سنڌ جي تاريخ جو اهم باب قرار ڏنو ويو آهي، علم و ادب اڪيڊمي ۽ مهربان شاھ فائونڊيشن جي تقريب کي نوجوان ليکڪ، محقق مهربان علي شاھ شمسي مخاطب ٿيندي چيو ته اڄوڪي جديد دور جي ادب ۾ نئين تخليق سان نوجوان نسل کي پنهنجي روشن مستقبل ڏانهن ڄاڻ ذريعي معلومات فراهم ڪري سگهجي ٿي، شمسي تاريخ تي لکيل ڪتاب تحقيق جو هڪ نئون مثال آهي جنهن ۾ تاريخ جي ورقن کي محفوظ ڪيو ويو آهي ته وري ٽنڊو محمد خان بابت تخليق مواد ڄاڻ جو اهم ذريعو آهي ، تقريب کي اديب ليکڪ حڪيم محمد يوسف کتري صدارتي خطاب ڪندي چيو ته علم وادب اڪيڊمي ٽنڊو محمد خان پاران مسلسل هي ٽيون ڪتاب آھي جنهن جي اڄ مهورت ڪئي پئي وڃي، علم وادب اڪيڊمي وارا علمي ۽ ادبي معامرن ۾ اڳي کان اڳرا آهن. تقريب کي ملتان شهر جي اچ شريف کان  ڪهي آيل  ورلڊ شمسي سادات جي چيئرمين سيد قائم علي شاھ شمسي چيو ته کيس امن جي  ڌرتي سنڌ اچي ڏاڍي خوشي ٿي آهي سنڌ جي ماڻهن جي مهمان نوازي سندن دليون کٽي ورتيون آھن ، علم و ادب اڪيڊمي جون ادب لاءِ ڪاوشون ساراھ جوڳيون آهن ،  تقريب کي سيد فتح علي شاه شمسي سبزواري ، استاد عبدالڪريم سومرو ، سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر واحد سوز ملاح ،  ناميارو شاعر تقي راجپوت ، شاعر منير پنهور ،  ليکڪ محمد اشرف ملاڻو ، ليکڪ شاعر علي ڏنو جروار ، نثاراحمد ناز ، نوشاد علي ڀٽي ، محمد علي مخمور مهيري ، سيد محمد حسين جعفري،  عبدالغفور ڪنڀار ، علي نواز ڀٽو ، غلام محمد ڇلگري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ، آخر ۾ سنڌ جي نامياري راڳين طفيل سنجراڻي ، وزير علي شاھ ، شهريار علي  ، استاد خدابخش ڪڇي ، جانب علي بلاولي ، مدثر مظهر بهراڻي ۽ ٻين پنهنجي سُرن جي ورکا ڪئي.