شماريات کاتي 2017ع دوران ڪيل ڇهين آدمشماري جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

0
458

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ملڪ جِي آبادي 20 ڪروڙ 76 لک 84 هزار 626 آهي: شماريات کاتي 2017ع دوران ڪَيل ڇهين آدمشماري جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، ملڪ ۾ 10 ڪروڙ 60 لک 18 هزار 220 مرد ۽ 10 ڪروڙ 13 لک 44 هزار 632 عورتون آهن، 21 هزار 774 خواجا سرا آباد آهن، سنڌ جِي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510 آهي، سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ 60 لک 24 هزار 894 ماڻهو آباد آهن، پنجاب جِي آبادي 10 ڪروڙ، 99 لک 89 هزار 665 آهي، خيبرپختونخوا ۾ 3 ڪروڙ 50 لک 8 هزار 920 ۽ بلوچستان ۾ هڪ ڪروڙ 23 لک 35 هزار 129 ماڻهو آباد آهن، اسلام آباد ۾ 20 لک 3 هزار 386 ماڻهو آباد آهن، ملڪ جَي شهرن ۾ 7 ڪروڙ 56 لک 70 هزار 837 ۽ ٻهراڙي ۾ 13 ڪروڙ 20 لک 13 هزار 789 ماڻهو آباد آهن…….