شلپا شيٽي تمام جلد پنهنجي مڙس کان طلاق وٺندي:ڪي آر ڪي جي اڳڪٿي

0
302

ڪراچي(م ڊ) فلمي ناقد ۽ ڀارتي اداڪار ڪمال راشد خان المعروف ڪي آر ڪي جي طرفان مشهور بالي ووڊ اداڪاره شلپا شيٽي جي شادي شده زندگي ختم هجڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

ڪي آر ڪي شلپا شيٽي جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي ته هو مستقبل ۾ فحش فلمن جي ڪيس ۾ گرفتار پنهنجي مڙس راج ڪندرا کان طلاق وٺندي.

فلمي ناقد جي طرفان ٽوئٽر اڪائونٽ تي پنهنجي اڳڪٿي تي ٻڌل ٽوئٽ نمبر 31 ۾ اداڪاره جي حوالي سان وڏي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

هن کان اڳ ڪي آر ڪي اداڪاره پريانڪا چوپڙا ۽ نڪ جونس جي طلاق جي به اڳڪٿي ڪري چڪو آهي.

واضح رهي ته اداڪاره شلپا شيٽي جو مڙس راج ڪندا کي جولاءِ ۾ فحش فلمون ٺاهڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو جنهن تي اداڪاره پنهنجو بيان به رڪارڊ ڪرايو هو ته هن جي مڙس جي بزنس جي حوالي سان کيس ڪا به خبر نه آهي.