ٺٽو: بدين، ٺٽو ۽ سجاول  ريجن جي اليڪشن ڪمشنر عبدالرحمٰن آرائين چيو آهي ته مڪاني چونڊو صاف ۽ شفاف ڪرائڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا آهن. “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته چونڊ فارمن جي وصولي ۽ جمع واري مرحلي جي پڄاڻي بعد فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ وارو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي. مڪاني چونڊ  صاف ، شفاف ۽ غير منصفاڻي ٿيندي ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري پنهنجي پسند جا پنهنجا اميدوار چونڊي سگھن هن چيو ته  مڪاني چونڊ واري ڏينهن تي پڻ ٺٽي ضلعي جي 407 پولنگ اسٽيشنن لاءِ 407 پرزائڊينگ آفيسر ، 1428 اسسٽنٽ پرزائيڊينگ آفيسر ۽ 3376پولينگ آفيسر ، جڏهن سجاول ضلعي جي 393 پولينگ اسٽيشنن تي لاءِ 393 پرزائيڊينگ آفيسر ، 1187 اسسٽنٽ پرزائيڊينگ آفيسر ۽ 2168 پولينگ آفيسرن ۽ بدين ضلعي جي 717 پولينگ اسٽيشنن لاءِ 717 پرزائيڊينگ آفيسر 5615 اسسٽنٽ پرزائيڊينگ آفيسر جڏهن ته 2271 پولينگ آفيسرن جي پڻ چونڊ عملي طور مقرري ڪري سندن خدمتون حاصل ڪيون وينديون . هن چيو ته ووٽرز جي جي نالن جي درستگي توڙي هنڌن جي تبديلي واسطي پڻ ٽنهي ضلعن اندر عملو مقرر ڪري ڊسپلي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جتي ووٽرز جي نالن جي اندراج م درستگي وارو ڪم پڻ پڻ هلندڙ آهي.