شفاف چونڊن جو راڳ ۽ سنڌ ۾ رڪارڊ ٽوڙ ڌانڌليون !

0
191
اسٽيبلشمينٽ مخالف موقف کي موٽ ڇو ملي رهي آهي؟

  26 جون آچر جي ڏينهن سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊون ٿي گذريون. جنهن ۾ حڪومتي ڌر يعني پيپلز پارٽي پنهنجي پوري حڪومتي ۽ رياستي مشينري استعمال ڪري بظاهر وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، پر سنڌي عوام انهن 14 ضلعن ۾ ڀرپور طريقي سان مزاحمت ڪري اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هاڻ اسان کي پنهنجا حق نه صرف وٺڻ اچن ٿا پر انهن لاءِ مڪمل مزاحمت جي قوت ۽ سگهه به رکون ٿا. عوام پاران پنهنجي ووٽ کي عزت ڏيڻ ۽ ان کي يقيني طور بچائڻ لاءِ جيڪا مزاحمت ڪئي وئي، سنڌ جي ويجهڙ واري تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي. 14 ضلعن ۾ ميڊيا جي رپورٽن مطابق 130 ڄڻا زخمي ٿيا، جڏهن ته ٻه ڄڻا مارجي ويا. سوچيو اهي 130 ڄڻا صرف پنهنجي جمهوري حق يعني ووٽ کي عزت ڏيڻ ۽ ان کي هر حال ۾ تحفظ بخشڻ جي لاءِ پنهنجي جان کي به خطري ۾ وجهڻ جي حد تائين هليا ويا، ان کان علاوه ٻين ڪيترين جڳهين تي ننڍا وڏا جهيڙا ۽ مزاحمتون پڻ ٿيون. سنڌي عوام پاران ايتري مزاحمت ته 25 جولاءِ 2018ع چونڊن ۾ به نظر نه آئي. جنهن ۾ تقريبن 74کن ماڻهو زخمي ٿيا. تنهن جو مطلب هن مڪاني چونڊن کي عوام پنهنجيون چونڊون سمجهي حصو ورتو ۽ تمام گهڻي مزاحمت ڪئي ۽ ان مان ثابت ٿيو ته عوام هاڻ پنهنجي ووٽ تي ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندو.

پيپلز پارٽي جي حڪومت جنهن لحاظ کان 14 ضلعن ۾ سرڪاري ۽ رياستي مشينري استعمال ڪري پاڻ کي ڪامياب ڪرايو آهي، تنهن مان واضح ٿي ويو ته خود سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ڪيتري جمهوريت پسند پارٽي آهي. پيپلز پارٽي جيڪا هميشه جمهوريت جو راڳ وڏي ڌام ڌوم سان پيش ڪندي آهي، تنهن سنڌ جي هر ڳوٺ، واهڻ، وستي، يو سي، تعلقي ۽ ضلعي ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو ته هاٿي جا کائڻ وارا ڏند هڪڙا هوندا آهن ۽ ڏيکارڻ وارا ڏند ٻيا هوندا آهن. پيپلز پارٽي جيڪا هر چونڊن ۾ پاڻ کي مظلوم ثابت ڪري صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جا مطالبا ڪندي رهندي آهي ۽ جڏهن جڏهن به کيس شڪست ملي آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام هنيا آهن. پر هاڻي سوال آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي پنهنجي حڪومت هوندي صرف سنڌ جي 14 ضلعن ۾ اها ڪيتري صاف ۽ شفاف چونڊ ڪرائڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. ان جي شاهدي سنڌ جي صرف 14 ضلعن جي عوام جي جرئتمند مزاحمت مان لڳائي سگهجي ٿي. اصل ۾ اهو مسئلو پيپلز پارٽي جو ناهي، پر سنڌي وڏيرا شاهي جو آهي.

جيڪا ڪڏهن به نه چاهيندي ته سنڌي عوام ووٽ جي طاقت کي سمجهي ۽ ان کي سنڌي وڏيرا شاهي جي خلاف استعمال ڪري. گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آهي، پر ان کان اڳ جنرل مشرف جي دور ۾ پيپلز پارٽي ته اقتدار ۾ ڪو نه هئي. پر تڏهن فنڪشنل ليگ جيڪا ايم ڪيو ايم سان گڏجي جنرل مشرف جي وڏي اتحادي هئي ۽ سنڌي وڏيراشاهي جو هڪ وڏو حصو ان سان گڏ هو، تڏهن 2001ع ۽ 2005ع ۾ سنڌ ۾ جيڪي مڪاني چونڊون ٿيون، اهي وري ڪيتريون صاف ۽ شفاف هيون. انهن ٻنهي چونڊن ۾ فنڪشنل ليگ ۽ ان جي اتحادين گڏجي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ جيڪا ڪربلا قائم ڪئي هئي، تنهن لاءِ ان وقت جون ڪي اخبارون کولي ڏسي سگهجن ٿيون. تنهن ڪري هي مسئلو پيپلز پارٽي، جي ڊي اي يا فنڪشنل ليگ کان وڌيڪ سنڌي وڏيرا شاهي جو آهي، جنهن جو بنيادي ڪم آهي ته ڪنهن به طرح سنڌ جي جيڪا پنج ڪروڙ عوام آهي، تنهن کي هڪ قوم ۽ سنڌي عوام نه ٿيڻ ڏيڻو آهي. انهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، نفرتون پيدا ڪري انهن کي هر صورت ۾ غيرمنظم ۽ ٽڙيل پکڙيل رکڻو آهي ۽ انگريزن جي پراڻي پاليسي وانگر عوام کي ويڙهايو ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪريو واري پاليسي کي پاڻي ڏيڻ آهي. هي اسان سنڌي عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائي، پنهنجي عوام دشمن ۽ قوم دشمن طبقي جي بادشاهي کي هر صورت ۾ برقرار رکڻ چاهين ٿا. اهو طبقو رڳو عوام کي بيوقوف ڪرڻ، ان کي دوکو ڏيڻ لاءِ اهو ڏيکاءُ ڏيندو آهي ته اسان الڳ آهيون، اسان جدا آهيون، اسان جو نظريو جدا آهي، اسان جو عقيدو جدا آهي، اسان وچ ۾ اختلاف آهن، اسان هڪ ناهيون، اسان ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. پر اصل ۾ اهي نه صرف هڪ آهن، پر انهن جو پاڻ ۾ اڻ اعلانيل اتحاد به آهي ته منظم به آهن. هي طبقو اسيمبلين ۾ پڻ پنهنجي طبقي جي ماڻهن سان ويهڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو. هڪٻئي جا مائٽ آهن، پاڻ وچ ۾ سڱابنديون ٿيل آهن، روز هڪٻئي سان ملن ٿا،

هڪٻئي جي شان مان ۾ وڏيون وڏيون دعوتون ڪن ٿا، عوام کي ويڙهائڻ ۽ پنهنجي پاڻ ۾ مثالي اتحاد ۽ يڪجهتي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏيون ۽ ڊگهيون ڪچهريون ڪن ٿا، هڪٻئي کي تمام گهڻا فائدا پهچائن ٿا، هڪٻئي جي مفادن جو نه صرف خيال ڪن ٿا، پر ساڳئي وقت انهن جو تحفظ پڻ ڪن ٿا. صرف عوام کي غيرمنظم رکڻ، عوام کي هڪٻئي کان الڳ ڪرڻ، انهن ۾ تفريق پيدا ڪرڻ، انهن ۾ هڪٻئي لاءِ نفرت پيدا ڪرڻ، انهن ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ لاءِ هي ناٽڪ ڪندا آهن، اداڪاري ڪندا آهن، ڊرامي بازي ڪندا آهن، مختلف ڪرتب ڪري ڏيکاريندا آهن. اهو عوام دشمن ۽ قوم دشمن طبقو بظاهر مخلتف پارٽين، حڪومتن ۽ اتحادن جي صورت ۾ الڳ نظر پيو ايندو آهي يا منفرد ۽ مختلف ٿيڻ جو ڏيکاءُ پيو ڏيندو آهي، پر اصل ۾ نه صرف هڪ هوندا آهن پر قسم کنيل اٿن ته ابن ڏاڏن کان هڪ آهيون ۽ هڪ رهنداسين ۽ ان سان گڏ اهو به وچن ڪيل اٿن ته ڪنهن به صورت ۾ هن سنڌ جي 5 ڪروڙ عوام کي هڪ قوم ٿيڻ ناهي ڏيڻو، انهن ۾ اختلافن ۽ نفرتن کي وڌائڻ لاءِ پنهنجي وسان ڪين نه گهٽائبو، هر وقت، هر دور ۽ هر صورت ۾ سنڌي عوام کي هڪ ٿيڻ ناهي ڏيڻو.

تنهن ڪري پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ سنڌي وڏيرا شاهي جي گهڻائي هڪڙي وقت ۾ عوام جي سڀ کان وڏن دشمنن جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ خان، جنرل ضياءُالحق يا جنرل مشرف سان اقتدار ۾ شامل رهي مال ميڙيو ته وري ٻئي وقت ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، نواز شريف ۽ عمران خان جي نام نهاد جمهوري دور ۾ اقتدار جا مزا وٺندا رهيا ۽ وٺي رهيا آهن ۽ هيڏانهن گذريل 75 سالن کان پنج ڪروڙ سنڌي عوام عذاب واري زندگي گذاريندو پيو اچي ۽ ڏينهون ڏينهن ان عذاب ۾ اضافو ئي ٿيندو پيو اچي. سنڌ جي 14 ضلعن جي مڪاني چونڊن ۾ عوام جيڪا جرئت ۽ تاريخي مزاحمت ڪئي آهي، تنهن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته سنڌ جو عوام نه صرف ڪيترو باشعور ٿي ويو آهي، پر ساڳئي وقت پنهنجو حق وٺڻ لاءِ وڙهي به پيو ۽ سخت مزاحمت به پيو ڪري. سنڌي عوام جي اهڙي فخريه ۽ قابل داد مزاحمت جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ ٿيندي. مڪاني چونڊن ۾ وڏيرا شاهي جيڪو ترڪتاليون ڪيون، تنهن باوجود به عوام ان جو سخت مقابلو ڪيو. چونڊون ۾ جنهن قسم جون سرڪاري ڏاڍايون ٿين ٿيون، جنهن قسم جون قانوني چالاڪيون ٿين ٿيون، جنهن قسم جا ٽيڪنيڪل ناٽڪ، نمونا ۽ استاديون ڪيون وينديون آهن، تن بابت نهايت اهم، ضروري، بنيادي ۽ وسيع تجربو نه رکڻ جي باوجود به جيڪي شخص آزاد حيثيت ۾ چونڊن ۾ بيٺا ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري شاندار ۽ مثالي چونڊ مهم هلايائون، در در ويا، وڏي تعداد ۾ عوام کي پولنگن تي وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

جنهن مان جيترا ڪامياب ٿي سگهيا آهن، اها رڳو انهن جي ڪاميابي ناهي پر حقيقت ۾ اها سنڌي عوام جي ڪاميابي آهي. ۽ جيڪي رياستي ۽ حڪومتي اثر جي ڪري ڪامياب نه ٿي سگهيا، انهن پنهنجي اکين سان ڏسي ورتو ته سنڌي وڏيرا شاهي عوام جي شعور ۽ سگهه کان ڪيترو خوفزده آهي. هن دفعي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ عوام جو جوش جذبو ۽ مزاحمت ڏسي ايئن لڳي رهيو آهي ته هاڻي اسان جي اها عوام ايئن خاموشي سان نه ويهي رهندي، اها پنهنجي هن تجربي مان گهڻو ڪجهه پرائيندي، ان تي غور ڪندي. جيڪي خاميون سرزد ٿيون تن جو ضرور تدارڪ ڪندي ۽ پاڻ ۾ ويهي  ايندڙ چونڊن لاءِ گڏيل صلاح مشورا ڪندي. ايندڙ چونڊن ۾ هڪ نئين جوش، جذبي ۽ ولولي سان وڏي واڪي اعلان ڪري وري ميدان ۾ لهندي ۽ هڪ اهڙي گڏيل ڪاميابي واري منزل ماڻيندي جنهن جو خواب اسان جي ڪامريڊن، قومپرستن، جمهوريت پسند عوام ۽ ترقي پسند ڏاهن ۽ ساٿين ڏٺو هو. سنڌي عوام هاڻي پنهنجي ڳوٺ، واهڻ، وستي يونين ڪائونسل، تعلقي، ضلعي ۽ صوبي جي ڪمان سنڀالڻ لاءِ اٿي بيٺي آهي، جنهن جي يقيني ڪاميابي ۽ منزل گهڻي ڏور ناهي.

[email protected]