ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته مون 2017 ع جي مردم شماري تي به اعتراض واريو ھو،  سي سي آءِ ۾ به مخالفت ڪئي ھئي، عمران حڪومت زبردستي سي سي آءِ ۾ مردم شماري جو فيصلو ڪيو ھو اي پي سي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته   شفاف مردم شماري ٿئي ٿي ته ڪنھن کي اعتراض نه ھوندو، باقي مردم شماري نه ٿئي وارو موقف مسئلي جو حل ناھي ـ مون وزيراعظم سان ٿيل گڏجاڻي ۾ خدشا ختم ڪرائڻ وارو موقف رکيو آھي ـ سينسز ڪمشنر جو اڄ خط مليو آھي پر مون اڃا پڙھيو ناھي ھن چيو ته شفاف مردم شماري ٿيڻ گھرجي