اداڪارا شرڌا ڪپور جي واٽس ايپ چيٽ ليڪ ٿي وئي

0
359

ممبئي(شوبزنيوز) بالي ووڊ جي اداڪاره شرڌا ڪپور جي واٽس ايپ چيٽ ليڪ ٿي وئي آهي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب شرڌا ڪپور ممبئي ۾ شوٽنگ ۾ مصروف آهي ۽ شوٽنگ بعد سيٽ تان واپس ٿي ته سندس هٿ ۾ موبائل فون هو ۽ هو واٽس ايپ تي ڪنهن سان ڳالهائي رهي هئي، فوٽوگرافرن سندس فوٽو ڪڍيا ۽ واٽس ايپ چيٽ جي تصوير به ڪڍي ورتي. فوٽوگرافرز بعد ۾ اها واٽس ايپ چيٽ ليڪ ڪري ڇڏي. شرڌا ڪنهن ويجهي دوست سان ذاتي نوعيت جون ڳالهيون ڪري رهي هئي ۽ سندس نالي بدران اتي دل جي اموجي ٺهيل هئي. چيٽ تي اداڪارا تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي، شرڌا فوٽو گرافر پاران تصوير ليڪ ڪرڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته اها منهنجي ذاتي زندگي ۾ مداخلت آهي.