ڪراچي: کدڙن فقيرن ڊاڪٽر ساره گل، اداڪاره ڪامي سڊ، وڪيل نشاءِ رائو مطالبو ڪيو آهي ته وفاقي شريعت ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري کين بنيادي حق فراهم ڪري انسان سمجهيو وڃي، ڪالهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته شريعت عدالت جي فيصلي ۾ خواجا سرائن بابت قانون کي مڪمل طور رد ناهي ڪيو ويو پر کين ملڪيت ۾ حق ڏيڻ، مرضي سان جنس جي تبديلي يا پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ٻڌائڻ وارن شقن جا ڪجهه اشوز آهن، هنن چيو ته اسانجو ڪو به صدر يا فوڪل پرسن ناهي، پ هتي هر ڪو پنهنجي طور تي برادري جي  ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته اسانکي انسان تسليم ڪري، آئين ۽ قانون مطابق حق ڏنا وڃن.