ڪراچي(شوبز نيوز) شرمين عبيد چنائي فيروز خان جي چونڊ تي لڪس اسٽائل ايوارڊ واپس ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. مشهور پاڪستاني ڊائرڪٽر شرمين عبيد چنائي پنهنجي آئوٽ آف دي باڪس فلمن لاءِ مشهور آهي، ان کانسواءِ هميشا هن گهريلو تشدد، عورتن کي خودمختيار ٺاهڻ ۽ ٻين سماجي مسئلن تي پنهنجو آواز اٿاريندي رهندي آهي. جڏهن ته شرمين عبيد چنائي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اعلان ڪيو ته 2012 ۾ ملڻ وارو ايوارڊ مان واپس ڪري رهي آهيان. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن لڪس ايوارڊ ۾ عورتن تي گهريلو تشدد ڪندڙ مردن کي نامينيشن لاءِ چونڊيو ٿو وڃي ته مان خاموش نٿي رهي سگهان، ان لاءِ مان پنهنجو ايوارڊ واپس ڪري رهي آهيان.