ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري  وزير شرجيل ميمڻ بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه  ٽرانس ڪراچي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اجلاس ۾  ريڊ لائين پراجيڪٽ تي اڳڀرائپ جو جائزو ورتو ويو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائين پراجيڪٽ ۾ دير برداشت  ڪري نٿي سگھجي. هن چيو ته ريڊ لائين لاءِ هلندڙ ترقياتي ڪمن سبب شھري ڏکائين کي منهن ڏئي رهيا آهن،  صوبائي وزير چيو ته  ڪي ايم سي وارن الادين پارڪ ۾ بس ڊيپو جي تعمير لاءِ زمين ٽرانس ڪراچي حوالي ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته  ريڊلائين لاءِ بايو گيس پلانٽ جي تعمير  جلد شروع ڪئي ويندي ھن چيو ته ريڊ لائين پاڪستان جو پهريون بايو گيس منصوبو آهي،