گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي مقامي هوٽل ۾ ڪمند جي فصل جي پيدوار کي وڌائڻ لاء راڻيپور شگر ملز پاران سيمينار منقعد ڪيو ويو. سمينار ۾ ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ڊاڪٽر رسول بخش جوڻيجي، محمود الله، حسن خلجي، محمد رفيق ڀٽي، نظير احمد، ميان عمران علي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. زرعي ماهرن جو چوڻ هو ته برساتن ۾ گهڻي پاڻي سبب ڪمند جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. ڪمند جي فصل جي پيداوار وڌائڻ لاء بهتر زمين جي چونڊ ڪري، سٺي نموني هر لڳائي ڪمند جي پوکائي ڪرڻ گهرجي. وقت تي رجسٽرڊ ڪمپنيءَ جو ڀاڻ استعمال ڪيو وڃي. ان سان وڌيڪ اپت حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان موقعي تي سيمينار ۾ ڪمند جون نيون جنسون پڻ متعارف ڪرايون ويون.