ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ احمد شجاع پاشا الزامن تي سنتوش بگٽي کي هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي  ڇڏيو. ليفٽيننٽ جنرل (ر) شجاع پاشا پنهنجي وڪيل اسد منير ذريعي نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اوهان جو بيان نسورو ڪوڙ آهي، اوهان جا ڪوڙا بيان رد ڪريان ٿو جيڪي ميڊيا کي ڏنا، قانوني نوٽيس موجب شجاع پاشا پنهنجي ساٿين سان گڏ عارف نقوي سان رڳو هڪ ڀيرو دبئي ۾ ملاقات ڪئي، جڏهن ته شجاع پاشا ڪڏهن به عمران خان سان دبئي سميت پاڪستان کان ٻاهر ملاقات ناهي ڪئي، شجاع پاشا عمران چوڌري سان ذاتي طور تي ملاقات ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن ڀارتي واپاري سان ملاقات ڪئي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته افسوس جي ڳالهه آهي ته توهان شيخ النهيان کي ان ڪوڙي تڪرار ۾ ملوث ڪيو، شجاع پاشا شيخ النهيان جو احترام ڪري ٿو، شيخ النهيان ڪڏهن به شجاع پاشا کي هندستاني يا اماراتي واپاري سان ملڻ لاءِ نه چيو. مون عارف نقوي کي به تحفو ناهي موڪليو، اهو ڪوڙ آهي، سنتوش بگٽي 14 ڏينهن اندر الزام واپس وٺي معافي گهري.