شبيران چنا کي نمونيا: ساهه ۾ تڪليف سبب آپريشن جو فيصلو

0
211

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نامياري اداڪاره شبيران چنا جي حالت ۾  سڌارو نه آيو، چار ڀيرا ڊائلاسز  ڪرڻ سان گڏ  ڦڦڙن مان پاڻي ڪڍيو ويو، ساهه  کڻڻ ۾ ٿيندڙ ڏکيائي کي حل ڪرڻ لاءِ آپريشن جو فيصلو ڪيو آھي

ڊائو جي ڊاڪٽرن موجب شبيران چنا جو گردن جي تڪليف سبب چار ڀيرا ڊائلاسز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس  ڦڦڙن مان پاڻي ڪڍيو ويو آھي، هن وقت شبيران کي نمونيا پڻ ٿيل آهي، کيس وڌيڪ ڪجهه ڏينهن وينٽيليٽر تي ئي رکيو ويندو

ڊاڪٽرن موجب شبيران چنا کي ساھ ۾ تڪليف ٿيڻ سبب آپريشن پڻ ڪيو ويندو، ٻئي طرف شبيران چنا جي ڌيءَ عاليا چنا ٻڌايو ته سندس والده جي طبيعت ۾ بهتري اچي  آهي