ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نامياري اداڪاره شبيران چنا جي صحت ۾ سڌارو نه آيو،  ڊاڪٽرن جي گھرڀاتين سان ملاقات:  علاج بابت بريفنگ ڏني وئي،  اسپتال انتظاميا موجب شبيران چنا جي گردن جي صفائي ٿي رھي آھي، جڏهن ته  ڦڦڙن تائين سڌي ريت آڪسيجن پھچائي پئي وڃي، شبيران کي وائرس لڳي ويو آھي،  جنهن جو علاج پڻ ڪيو پيو وڃي، کيس وينٽيليٽير تي  رکيو ويندو، ٻئي طرف شبيران چنا جي ڌي عاليا چنا ٻڌايو ته ڊاڪٽرن پاران صحت ۾ 50 سيڪڙو سڌارو ٻڌايو ويو آھي،  ڊاڪٽرن عيادت لاءِ ايندڙن مان ڪنهن جو وائرس امڙ کي لڳڻ بابت ٻڌايو ويو آھي، سنڌ واسي صحتيابي لاءِ دعا ڪن،  ھوڏانھن  سنڌ  جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  چيو آهي ته شبيران چنا سنڌ جو اثاثو آهي، ۽سندس علاج جا سمورا خرچ صوبائي حڪومت برداشت ڪندي.