ناگپور(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽيم جي بيٽر شبمن گل سان شاديءَ جي خواهشمند ناريءَ ڀارت جي شهر ناگپور ۾ مختلف هنڌن تي پوسٽر هڻائي ڇڏيا. ڀارتي ٽيم جي فاسٽ بالر اميش ياديو طرفان سوشل ميڊيا تي ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون ويون آهن، گڏوگڏ ئي هڪ ننڍو ڪيپشن به لکيو آهي ته پورو ناگپور چئي رهيو آهي، شبمن هاڻي ته ڏسي وٺو. اميش ياديو طرفان شيئر ڪيل تصوير مختلف هنڌن تي روڊن تي لڳل هورڊنگز جون آهن جنهن ۾ هڪ ناري ميچ دوران گرائونڊ ۾ پوسٽر کڻي بيٺل آهي جنهن تي هڪ طرف لکيل آهي، “ٽنڊر شبمن سان شادي ميچ ڪرادو”، ۽ ٻئي طرف لکيو آهي “شبمن هيڏانهن ته ڏسو”