چوھڙجمالي (ن پ ا) شاھبندر تعلقي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وڏي  ڪاميابي، تعلقي  جون 7 يوسيز ۽ 7 وارڊ بنا مقابلي ڪامياب، ان ڏس ۾ بلدياتي اليڪشن 2023 جي سلسلي ۾ ضلعي سجاول جي تعلقي شاھبندر ۾ پ پ ضلع سجاول جي صدر ۽ ايم پي اي محمد علي خان ملڪاڻي ۽ سندس ڀاءُ پ پ اڳواڻ حاجي شوڪت علي خان ملڪاڻي پنھنجون ذاتي ڪوششون وٺي تعلقي جون 7 يوسيز جونگوجلباڻي، لاڏيون، ڇڇ جھان خان، اسلام ڳڙھ،  شاھبندر، گونگاڻي، دولتپور سميت کاري ڇاڻ جي يوسي جان محمد جت ۾ پ پ اميدوارن جي سامھون بيٺل سمورن آزاد اميدوار دستبردار ٿي ويا آھن،  جڏھن ته  ٽائون ڪميٽي چوھڙجمالي جي 7 وارڊن تي بيٺل پ پ اميدوارن سامھون جي يو آءِ سميت آزاد اميدوار ھٿ کڻي ويا آھن، جنھن بعد   ستن وارڊن تي پ پ اميدوار علي اصغر جمالي، شڪيل احمد کٽي، ھوت خان سنجراڻي، دين محمد ملاح، رياض احمد سسيو،  محمد عثمان ميمڻ،  سڪندر اعظم ميمڻ بنا مقابلي ڪاميابي ماڻي ورتي آھي.