شاگرد يونين ۽ سياسي تاريخ جو الميو

0
116
شاگرد يونين ۽ سياسي تاريخ جو الميو

 سماجي تبديلي ۽ ترقي جي حوالي سان يونيورسٽيون بحيثيت مادر علمي جي، اهم آهن ۽ انهن جو مکيه ۽ بنيادي ڪردار هوندو آهي. هڪ اعليٰ تعليمي ۽ علمي اداري طور يونيورسٽيون قوم ۽ سماج جي شعور ۽ ڏاهپ جي پڪي ۽ پختي بنيادن تي اڏاوت لاءِ ۽ ڪليدي اهميت رکنديون آهن، ڇاڪاڻ ته اهو هڪ عام سوچ ۽ فڪري رخ جو عالمگير تصور موجود آهي ته، عظيم قومون عظيم يونيورسٽين مان ئي جنم وٺنديون آهن.

                 قومي فڪري تناظر ۾ ڏسبو ته، اهي يونيورسٽيون ئي هونديون آهن، جيڪي ڄاڻ ۽ ڏاهپ سان ڀرپور زندگيءَ جي هر شعبي جا ماهر سماج کي مهيا ڪنديون آهن، جيڪي اڳتي هلي عمل جي ميدان ۾ قوم ۽ سماج جي ترقيءَ ۽ اڏاوت ۾ پنهنجي مهارت جو ڀرپور مظاهرو ڪنديون آهن، ڇاڪاڻ ته يونيورسٽيون پنهنجي علمي حيثيت ۽ ادراڪيت جي دائري اندر سکيا ۽ تربيت يافته افرادي قوت جي وڏي کيپ پيدا ڪرڻ جا بنيادي مرڪز سمجهيون وينديون آهن. جنهن ڪري اهي قومن ۽ معاشرن جي سماجي ۽ ثقافتي روايتن ۽ قدرن جو نه رڳو رکوال سمجهيون وينديون آهن، پر اهڙين روايتن ۽ قدرن جي ترقي، اوسر ۽ ارتقا ۾ مک ڪردار پڻ ادا ڪنديون رهنديون آهن.

انهن مٿي ڄاڻايل سببن جي تناظر ۽ روشنيءَ ۾ اها ڳالهه لازمي ٿئي ٿي ته، رياست، حڪمران ۽ انتظاميا يونيورسٽيءَ ۾ ايندڙ ڪچي ذهن کي پختي شڪل ڏيڻ لاءِ بهتر تعليمي، فڪري ۽ ثقافتي ماحول مهيا ڪري ڏين. جيڪا ڳالهه سندن بنيادي ذميواري ۾ پڻ اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته هڪ مادر علمي جي حيثيت ۾ يونيورسٽي جي انتظاميا ۽ فيڪلٽيءَ جي اها ذميواري ٿئي ٿي ته، اهي ماحول، سکيا ۽ تربيت ذريعي اهڙي افرادي قوت سماج ۽ قوم لاءِ اڳتي آڻين، جنهن وٽ حقيقي معنيٰ ۾ بهتر ڄاڻ ۽ تنقيدي فڪري سوچ ۽ ڏاهپ جو مواد موجود هجي، ته جيئن اهي پنهنجي عمل ذريعي معاشري لاءِ بهترين فرد ثابت ٿي سگهن.

عالمي سطح توڙي ملڪي ۽ قومي سطح تي بدلجندڙ منظر نامي جي صورت ۾ يونيورسٽين جي ذمري اها خاص ذميواري اچي ٿي ته، اهي نه صرف خالص سائنس (Pure Science) بلڪه سماجي سائنس (Social Science) جي محرڪات کان پڻ آگاهي ڏين. ان لاءَ ته جيئن علمي ۽ ادراڪي حوالي سان بدلجندڙ حالتن کي سمجهڻ ۾ شاگردن کي آساني پيدا ٿئي. جيئن اڳتي هلي اهي ملڪ ۽ قوم جي سماجي-ثقافتي ادارن جي اڏاوت ۾ پنهنجو خوبصورت ڪردار ادا ڪري سگهن.

پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ سان ئي ملڪ جي حڪمرانن فڪري آزادي آڏو بند ٻڌي، قومن ۽ سماج کي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو. ماڻهن کي روشن خيالي ڏانهن وٺي وڃڻ بجاءِ اونداهه ڏانهن ڌڪيو ويو. ٻين قومن ۽ سماجن سان جيڪو ٿيو پر سنڌ سان خاص طور غيرسياسي سلوڪ روا رکي، هتان جي ماڻهن کي تعليم جهڙي بنيادي انساني حق کان به پري رکيو ويو. جنهن جو اهم مثال سنڌ يونيورسٽي، جيڪا بمبئي کان آزادي بعد قائم ڪيل پهرين يونيورسٽي هئي، ان کي ڪراچي کان ٻاهر ڌڪي سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏني وئي. سنڌي شاگردن کان ڪراچيءَ ۾ تعليم پرائڻ جو حق کسيو ويو. ان دور جي ملڪي سطح جي شاگرد تنظيمن DSF ۽ NSF تي مادري ٻولين ۾ تعليم ڏيڻ جي حق ۾ مظاهرا ڪرڻ جي “ڏوهه” ۾ بندش وڌي وئي. جنهن جي ڪري ملڪ جي تعليمي ادارن خاص طور يونيورسٽين اندر تشدد ۽ انتهاپسندي جهڙن عنصرن ۽ رجحانن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو مليو.

حالانڪه پاڪستان جي سياسي تاريخ جي اڀياس جو اهو وڏو سچ آهي ته، هن ملڪ جي ٺاهڻ واري جدوجهد کي وڏي سگهه ۽ تقويت ان زماني جي شاگردن جي تحرڪ سان ملي. ان صورت ۾ حڪمرانن تي اها اخلاقي ذميواري عائد پئي ٿي ته، اهي ملڪ جي سمورن تعليمي ادارن اندر روشن خيالي، جمهوري ۽ سيڪيولر (سڀني مذهبن جو احترام) قسم جي سوچ ۽ روايت رکندڙ قدرن ۽ لاڙن کي پروموٽ (Promote) ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪن، پر محدود سوچ جي خول ۾ بند ۽ مذهبي طبقي جي دٻاءَ ۽ اثر هيٺ حڪمرانن جي منفي پاليسين سبب فڪري جمهوري قدرن ۽ ثقافت جي واڌ ويجهه کي مثبت موقعا نه ملي سگهيا. نتيجي ۾ هي ملڪ عوامي جمهوري رياست بڻجي نه سگهيو. تنهن هوندي، ڀُٽي صاحب جي حڪومتي دور تائين تعليمي ادارن اندر شاگرد تنظيمن جي وجود هئڻ ۽ سرگرمين جي اجازت سبب، ڪاليجن کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين شاگردن ۽ ادارن جي انتظاميا وچ ۾ سهڪاري روين جي ڪري تعليمي ادارن اندر ڪنهن حد تائين ڪجهه خرابين ۽ ڪوتاهين هوندي به. جيڪا بهتر فضا موجود هئي. ان ٿورا گهڻا مثبت فڪري لاڙن ۽ روين جا نتيجا ڏنا، پر پوءِ جنرل ضياء جي مارشلا واري حڪمراني اچڻ سان گڏ ان مٿان مايوسين ۽ گدلاڻ جا ڪڪر ڇانئجي ويا.

جيتوڻيڪ ڀُٽي صاحب حڪمرانيءَ جي زماني کي پڻ سياسي توڙي ثقافتي تناظر ۾ مڪمل جمهوري ۽ سيڪيولر نٿو چئي سگهجي. ان ۾ به ڪيئي خاميون ۽ خرابيون هيون. تنهن هوندي به شاگردن کي يونين سازي جو آئيني حق مليل هو. جنهن جي معرفت شاگرد پنهنجي تعليم سان گڏ باقي ٻين بنيادي مسئلن ۾ تڪليف بابت آواز اٿارڻ کانسواءِ سياسي ۽ ثقافتي سرگرميون جاري رکڻ جا آئيني حق پڻ استعمال ڪندا هئا. جيڪي حق پوءِ ضياء جي ڊڪٽيٽر شپ ۽ مارشلائي زماني ۾ سلب ڪري انهن تي بندش وڌي وئي، جيڪا بندش ضياء ۽ مشرف جي مارشلائي حڪومتن ته، ٺهيو مگر بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي دور ۾ به ختم نه ٿي.

سنڌ اسيمبلي تازو شاگرد يونين جو بل ته پاس ڪيو آهي پر بيوسي جو عالم اهو آهي ته ان تي عمل ڪرڻ ديواني جو خواب پيو لڳي. جنرل ضياء جي دور ۾ مختصر عرصي کانپوءِ ملڪ جي باقي سڀني يونيورسٽين جا ڪيمپس کلي ويا،

مگر سنڌ يونيورسٽي ملڪ جي واحد يونيورسٽي هئي، جيڪا ڊگهي عرصي تائين بندش جي عتاب هيٺ رهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جو ڪيس ڪيڏو وزنائتو ۽ ڳرو آهي. جيئن اڳ ۾ ذڪر ڪري چڪا آهيون ته، قومن ۽ سماجن جي ثقافتي ۽ اخلاقي قدرن جي ارتقاءَ ۽ ترقيءَ جي سفر ۾ يونيورسٽيون مکيه رول ادا ڪنديون آهن. جتي سول سوسائٽي جي اڏاوت جديد بنيادن تي ڪئي ويندي آهي. ان سان گڏ روشن خيالي، لساني ۽ ثقافتي لاڳاپن جي گهڻ رخي پرک ۽ پروڙ ڪري سماجن ۽ قومن ۾ سپ ۽ برداشت پيدا ڪرڻ جا فڪري رستا جوڙيا ويندا آهن پر اسان وٽ ڊگهي عرصي کان مادرعلمين کي اَسهپ ۽ انتهاپنديءَ جو ڳڙهه بڻايو ويو آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن چمن جي روئداد ۾ ملڪ جي باقي يونيورسٽين ۽ شاگردن جي معاملي ۾ سنڌ جي يونيورسٽين (ڪراچي کي ڇڏي) ۽ سنڌي شاگردن الميي جو داستان مختلف آهي. اڳي جڏهن شاگرد يونين هوندي هئي ته شاگرن جي آواز کي اهميت ملندي هئي.

هاڻي يونين سازي جو عمل نه رهيو آهي ته شاگردن جو آواز بظاهر ڪمزور ٿي ويو آهي. پر پنهنجي اندر ۾ اهو ڏاڍو سگهارو بڻجي رهيو آهي. ان کي دٻائڻ ۽ هيسائڻ انتظاميا ۽ رياستي ادارن لاءِ ايترو آسان نٿو لڳي. جيتوڻيڪ اهو ڪڙو سچ ۽ تلخ حقيقت آهي ته سنڌي ڳالهائيندڙ شاگرد طبقي ڏانهن پهرين ڏينهن کان جيڪو منفي ۽ نفرت وارو رويو هن رياست جو رهيو آهي، نفرت جي بنياد تي کڙي ڪيل ان ديوار جو پاڇو گهٽجڻ بجاءِ روزبروز ڊگهو ٿيندو پيو وڃي. هاڻي ته صورتحال ان حد تائين پهچائي وئي آهي جو، جيڪڏهن سنڌي شاگرد بنيادي انساني ۽ آئيني حقن جي آڌار اڪيڊمڪ کان وٺي بنيادي ضرورتن جي گهُر ڪن ٿا، تڏهن به انهن تي غداري جا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا.

اقوام متحده جي انساني حقن جي چارٽر سميت سڄي دنيا اندر ذهني نشونما ۽ ارتقاء بابت اهو طئي ٿيل اصول آهي ته، جڏهن ذهني پورهيو ڪرڻ سبب ٿڪاوٽ محسوس ٿئي، ته ان ٿڪاوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ مادر علميون پنهنجي شاگردن کي ثقافتي سرگرمين جو ماحول مهيا ڪنديون آهن.

 پر هتي اسان وٽ خاص طور سنڌ جي شاگردن سان بلڪل ان جي ابتڙ رويو اختيار ڪيو ٿو وڃي، جنهن جو تازو مثال هولي جهڙي خوبصورت رنگن واري ڏهاڙي ملهائڻ ڪري سنڌي شاگردن تي ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ تشدد ڪرڻ آهي. جن جي وڏڙن سنڌ اسيمبليءَ ۾ بل پاس ڪري هن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ لاءِ راهه هموار ڪئي ۽ سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون انهن جي پونئرن سان ان قسم جو سلوڪ روا رکڻ قومي سياسي تاريخ جو وڏو الميو آهي.