شاگرد مارڻ واري ڪيس ۾ ڊي ايس پي گرفتار

0
544

شاگرد مارڻ واري ڪيس

لاڙڪاڻي ۾ شاگرد محسن شاهه کي مقابلو ڄاڻائي مارڻ واري ڪيس ۾ ڊي ايس پي ۽ ڪانسٽيبل کي گرفتار ڪيو ويو آهي

عدالت پاران ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد پوليس ڊي ايس پي ميران خان دراني ۽ اهلڪار فرقان جتوئي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو

ڪيس ۾ نامزد هڪ ٻيو اهلڪار مختيار ڪلهوڙو فرار ٿي ويو

مقتول شاگرد محسن شاهه جي والد جو چوڻ آهي ته 14 مارچ تي 2020 تي پوليس جڙتو مقابلي ڄاڻائي چئن نوجوانن کي گوليون هنيون هيون

زخمي ٿيل چئن نوجوانن مان محسن شاهه زخمن جي سٽ نه سهندي بعد ۾ دم ڏنو هو

ھي به پڙھندا

سنڌ يونيورسٽي جي کنڀيل 4 شاگردن جي گرفتاري ظاهر