فيصل آباد (م ڊ) پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ شاگردياڻي تي تشدد ڪيس جي مک جوابدار شيخ دانش کي پوليس سيڪيورٽي ۾ عدالت پيش ڪيو ويو. پوليس جوابدارن کي ويجھي ڪورٽ روم ۾ وٺي وئي ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيو ان موقعي تي وڌيڪ اهلڪارن کي به طلب ڪيو ويو هو. پر جڏهن کيس واپس نيو پئي ويو ته وڪيلن حملو ڪري مٿس سخت تشدد ڪيو ۽ مارڪٽ ڪئي. عدالت جوابدار جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.