دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي  پروين رند پاران ڪالھه 5 ڏينهن تي پڻ گهر ڀاتين سميت پريس ڪلب آڏو بک هڙتال جو سلسلو جاري رکيو آهي ، وڪيل ، سماجي تنظيمن جا اڳواڻن ۽ عورتن بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي پروين رند جي حمايت جو اعلان ڪندي هر جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي ، پروين رند جو چوڻ آهي ته آخر دادو پوليس ڪهڙي سبب جي ڪري منهنجي گهر تي حملو ڪندڙ هٿياربندن کي گرفتار نه ٿي ڪري ، مان نياڻي 5 ڏينهن کان گهر ڀاتين سميت در بدر آهيان ، هن مطالبو ڪيو آهي ته گهر تي حملي جو ڪيس داخل ڪري ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪيو وڃي