شاگردياڻي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻکي هٿڪڙيون هڻي پول تي لٽڪائي ڇڏيو

0
256

لنڊن (دلچسپ نيوز) شاگردياڻي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻکي هٿڪڙيون هڻي پول تي لٽڪائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب لنڊن ۾ مينيجمينٽ سائنس جي شاگردياڻي 22 ورهين جي انيا جيڪسن کي آن لائن ڊيٽنگ ايپ پاران هدف مليو، شاگردياڻي کي هزار ماڻهن کان پاڻکي ڊائون لوڊ ڪرائڻو هو، ان هدف عيوض کيس 6 هزار رپيا ملڻا هئا،

انيا جيڪسن هدف ماڻڻ لاءِ پاڻکي هٿڪڙيون هڻي پول سان لٽڪائي ڇڏيو، شاگردياڻي هيٺ بورڊ رکيو جنهن تي لکيل هو ته دنيا جي سڀ کان شرمناڪ انٽرن شپ جيڪڏهن اوهان سنگل آهيو ته هن ايپ کي ڊائون لوڊ ڪريو.اميد آهي ته آئون جلد ئي اهو هدف ماڻي وٺنديس ۽ پوءِ منهنجو مينيجر منهنجون هٿڪڙيون کولي ڇڏيندو.اتان گذرندڙ هرماڻهو سندس تخليقي ڪم کان متاثر ٿي بورڊ تي لکيل تحرير پڙهي ايپ ڊائون لوڊ ڪئي.