ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس پنجاب ۾ پسند جي شادي  ڪندڙ شاگردياڻي جي مبينه اغوا ڪيس ۾ ملوث جوابدار ظهير ۽ سندس ڀاءُ شبير جي موبائل فون جي سي ڊي آر ڊيٽا بابت رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار شبير ۽ ظهير جي فون ڊيٽا مان پتو پيو آهي ته شاگردياڻي جي اغوا واري ڏينهن ٻئي جوابدار ڪراچي ۾ موجود هئا، شبير  پڇا ڳاڇا دوران اهڙو اعتراف ڪيو آهي. پوليس رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شاگردياڻي جو ظهير احمد سان نڪاح ٿيو آهي، جنهن کي ڪنهن به عدالت اڃا تائين غير قانوني قرار ناهي ڏنو،   شاگرياڻي جي طبي معائني لاءِ عدالت ڪو به حڪم ناهي ڏنو،

جنهن ڪري ڪيس مان سيڪشن 375  حذف ڪيو وڃي ٿو. شاگردياڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي 164 هيٺ بيان رڪارڊ ڪرائي ڄاڻايو آهي ته کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، هن ظهير سان مرضي موجب شادي ڪئي آهي، جنهن ڪري ڪيس مان قلم 364 به حذف ڪيو وڃي ٿو. پوليس رپورٽ ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته گرفتار ٿيل جوابدار غلام اصغر ۽ غلام مصطفيٰ ضمانت تي آزاد ٿيل شبير ۽ ظهير سان گڏجي شاگردياڻي کي اغوا ڪيو، شاگردياڻي کي لاهور وٺي وڃي سندس عمر 18 سال ٻڌائي سندس والدين کي اطلاع ڪرڻ بنا نڪاح ڪرايو ويو. پوليس رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي

ته ظهير جي امڙ نور بي بي، منير حسين، محمد وسيم ۽ راءِ خرم ڪيس ۾سهولتڪار آهن، جڏهن ته ڄاڻايل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن آصف، مقبول نذير ۽ انيس سميت 27 جوابدارن خلاف شاهديون نه مليون. پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار غلام اصغر، غلام مصطفيٰ ۽ شبير خلاف اغوا، انساني اسملنگ ايڪٽ ۽ سنڌ چائلڊ ريسٽرين ميرج ايڪٽ تحت ڪيس هلايو وڃي. پوليس رپورٽ ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڄاڻايل ڪيس ۾ 3 جوابدار مسمات نور منير، منير حسين ۽ محمد وسيم مفرور  آهن، جڏهن ته 27 جوابدارن خلاف شاهديون نه ملڻ ڪري سندن نالا ڪالم 2 ۾ رکيا ويا آهن.