شاگردن کي پڙهايو ئي ناهي ته پئسا ڇا جا؟ پروفيسر 33 مهينن جي پگهار واپس ڪري ڇڏي

0
757
شاگردن کي پڙهايو ئي
شاگردن کي پڙهايو ئي ناهي ته پئسا ڇا جا؟ پروفيسر 33 مهينن جي پگهار واپس ڪري ڇڏي

ڀارتي رياست بهار جي شهر مظفرپور جي هڪ اسسٽنٽ پروفيسر ڪاليج انتظاميا کي پنهنجي گذريل 33 مهينن جي پگهار واپس ڪري ڇڏي آهي

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب للن ڪمار ڪاليج ۾ هندي جو اسسٽنٽ پروفيسر آهي، جنهن تقريبن 3 سالن جي پگهار جيڪا 23 لک ڀارتي روپيا ٿئي ٿي، اِهو چئي واپس ڪري ڇڏي ته ٻن سالن ۾ ڪنهن شاگرد مونکان ڪلاس ئي ناهي ورتي ته پئسا ڇاجا وٺان؟

ميڊيا سان ڳالهائيندي للن ڪمار چيو ته ضمير اِن ڳالهه جي اجازت نٿو ڏئي ته شاگردن کي پڙهائڻ بنا ئي پگهار کڻان، آن لائين ڪلاسز دوران به منهنجي ڪلاسز ۾ شاگرد گهٽ هئا، مان سمجهان ٿو ته شاگردن کي اُها تعليم نه ڏئي سگهيو آهيان، جڏهن پڙهايو ئي ناهي ته پوءِ پگهار ڇو کڻان؟

هن چيو ته جيڪڏهن 5 سالن تائين  پڙهائڻ بنا پگهار وٺان ٿوته اِها منهنجي لاءِ تعليمي موت هوندي، مون پنهنجي اندر جو آواز  ٻڌو ۽ فيصلو ڪيو ته 23 لک 82 هزار 228 رپياڪاليج انتطاميا واپس ڪندس ۽ ڪري ڇڏيا، ڇوجو شاگردن جي پڙهائي جي مد ۾ ملندڙ پئسا، جيڪڏهن اوهان انهن کي پڙهايو ئي ناهي ته پوءِ ڪيئن وٺندا؟