ڄامشور: سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان نادر مغيري چيو آهي ته فيس بوڪي دانشورن جون ڊگھيون پوسٽون پڙھي کل به اچي ٿي ته افسوس به ٿئي ٿو. کل ان لاءِ ته ھو معمول موجب ھر ملبو سنڌ يونيورسٽي انتظاميه تي اڇلائي پاڻ کي وڏا ليکڪ ۽ دانشور سمجھن ٿا. افسوس ان لاءِ ٿو ٿئي ته اھي دانشور سادا آهن ۽ سندن ذھن ڄاڻ کان خالي آھن. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميه شاگردن کي الوداعي تقريبون ۽ سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ لاءِ 2 ڊسمبر جي اجازت ڏني ۽ ان ڏس ۾ 30 نومبر تي ھڪ سرڪيولر پڻ جاري ڪيو. انھيءَ سرڪيولر ۾ الوداعي تقريبون يا ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ دوران ڊسيپلين برقرار رکڻ لاءِ ڪجھ ھدايتون پڻ شامل ھيون. پر ڪجھ شاگردن پنھنجي منشا ۽ اجازت بنا پھرين ڊسمبر تي ئي پروگرام منعقد ٿيا، انھيءَ ۾ ڪجھ شاگردن ۽ ڪجھ سندن ٻاھرين دوستن جيڪو ڪجھ ڪيو، اھو سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيل وڊيوز ذريعي سڄي دنيا ڏٺو. انھيءَ پروگرام ۾ ناپسنديده نعرا ھڻندڙن کي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس پاران گھڻو سمجھايو ويو، پر ھو نه مڙيا.  هن چيو ته پوليس انهن سرگرمين جو نوٽيس ورتو ۽ پروگرام ۾ شامل شرپسندن تي سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو. اھا ڪارروائي پوليس جي ھئي پر فيس بوڪي دانشور سنڌ يونيورسٽي انتظاميه تي ھروڀرو ڇوھ پيا ڇنڊين. هن چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ ھاسٽلن جي پرووسٽ ھڪ سرڪيولر جاري ڪندي شاگردن کي ھدايت ڪئي ھئي ته ھو پنھنجين موٽرسائيڪلن تي درست نمبر پليٽون لڳائين. ڄاڻايل ڊيڊلائن تائين جن به شاگردن پنھنجين موٽرسائيڪلن تي درست نمبر پليٽون نه لڳايون، صرف انھن موٽرسائيڪلن کي روڪيو پيو وڃي. باقي ھاسٽلن تي نه تہ پوليس اٽالا موجود آھن ۽ نه ئي ڪنھن خوف ۽ ھراس واري صورتحال آھي. اھڙن افواھن کي سختيءَ سان رد ڪجي ٿو.