ٺري ميرواھ: ٺري مير واھ جي نيباهو شاھ محلي واسي رٽائرڊ انگريزي استاد سارنگ شر مٿان ٽيوشن سينٽر ۾  ٽن شاگردن  وقار جانوري، ساحل مڱڻهار، اياز سومرو سان مبينا بدفعلي ۽ وڊيو رڪارڊ ڪرڻ واري الزام ۽ اهڙيون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ڄاڻايل معاملو پروفائيل بڻجي ويو هو. بعد ۾ ٽنهي شاگردن  جي والدين جي فرياد تي دھشتگردي ۽ پورنوگرافي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيڻ ۽ سارنگ شر جي گرفتاري جي ڪجھه مهينن بعد سندس گهرڀاتي پاڪ ڪتاب ۽ نياڻيون ميڙ ڪري بدفعلي جو نشانو بڻيل ٽنهي شاگردن جي گهر  ميڙ ڪري ويا هئا. ان بعد متاثر شاگردن جي وارثن ڪيس جي پيروي نه ڪرڻ جو يقين ڏياريو هو. جولاءِ 2020 ۾ داخل ڪيل ڪيس جي  وارثن پاران پيروي نه ڪئي وئي. متاثر شاگردن پاران سارنگ شر کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو ويو. اڍائي سالن کان  ڪيس هلندو رهيو. ڪجھه عرصو اڳ ٽنهي ڪيسن مان دھشتگرديءَ جا قلم خارج ٿيڻ کان پوءِ ڪالهه خيرپور جي عدالت ٽنهي ڪيسن ۾ سارنگ شر کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.