شاهپور چاڪر ڀرسان نوجوان سترام ڀيل بيدردي سان قتل

0
261

شاھپور چاڪر (ن پ ا) شاهپور چاڪر ڀرسان نوجوان سترام ڀيل بيدردي سان قتل، سم نالي وٽ نوجوان جو ڪپڙن کان آجو ۽ گوليون لڳل لاش هٿ، اطلاع تي پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، نوجوان جا وارث به اسپتال پهچي ويا، سترام جي وارثن قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته خبر ناهي ته ساڻن ڪنهن اهڙو ظلم ڪيو آهي، سترام شادي کانپوءِ ساهرن وٽ رهندو هو، اُهي ئي سندس قتل جي حوالي سان ڪجهه ٻڌائي سگهن ٿا، پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جي پوسٽ مارٽم بعد جاچ کي اڳتي وڌايو ويندو..