شاهپورچاڪر (رپورٽ: ذوالفقار علي ڏاهري) شاهپورچاڪر ٿاڻي جي حد ڳوٺ بخش علي رند ڀرسان سم نالي وٽان بيدردي سان گوليون لڳل ۽ ڪپڙن کان آجو تذليل ٿيل لاش هٿ، لاش جي سڃاڻپ سترام ڀيل طور ٿي، واقعي جو اطلاع شاهپورچاڪر پوليس ڏنو ويو، ايس ايچ او شاهپورچاڪر پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي رورل هيلٿ سينٽر پهچايو، واقعي واري جاءِ تي لاش جي سڃاڻپ مقتول جي شناختي ڪارڊ موجب 41 ورهين جي سترام ولد ترسيو ڀيل طور ٿي. واقعي جو ٻڌي مقتول جا ڀائر ، ڀاڄائي ۽ ساهرا به اسپتال پهتا، مقتول جي ڀائرن خميسو ۽ ڪرشن ٻڌايو ته اسان جو ڀاءُ گذريل ڏهن پندرنهن سالن کان پنهنجي ساهرن سان گڏ رهندو هو ۽ ڳوٺ ٽوهه ڀاڻوجو ۾ هارپو ڪندو هو، اهي ئي ٻڌائي سگهن ٿا ته هن کي ڪنهن ماريو آهي، ٻئي پاسي ڊي ايس، پي سنجهورو ۽ ايس ايچ او جاءِ واردات تي گڏ ڪيل شاهدين جيو فينسنگ ۽ مختلف معلومات گڏ ڪرڻ جي آڌار تي شڪ جي بنياد تي مقتول جي ٻن سالن ڪيول، ڌرمون ۽ ماروٽ دودو کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.