شاهپور چاڪر: لاپتا ٿيل ٻن نينگرن جو ڏس نه پتو، اغوا جو شڪ

0
285

شاهپور چاڪر (ن پ ا) شاهپور چاڪر مان 2 نينگر گذريل ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿيڻ تي سندن وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، ميرل شاهه ڪالوني واسي مڪيش جهنڊاوڙو ۽ بِجو جهنڊاوڙو جي وارثن پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي نينگرن جي بازيابي جو مطالبو ڪيو، هنن چيو ته مڪيش ۽ بِجو گذريل ڏينهن کان لاپتا آهن، شڪ آهي ته کين اغوا ڪيو ويو آهي، ٻه سال اڳ اسان جا 2 ٻارڙا ڏاڏو ۽ چندا جهنڊاوڙو قتل ٿي ويا هئا، ٻن ٻارڙن جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ويرو جهنڊاوڙو جي وارثن تي اغوا جو شڪ آهي.