شاهپورچاڪر (ن پ ا) هڪ ڏينهن اڳ شر برادري جي ماڻهن پاران   بااثر وڏيري خلاف ٿيل مظاهري جو ڊراپ سين، مبينا طور وڪرو ٿيل نينگري پنهنجي والد سان گڏ پهچي سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو ، ان ڏس ۾ هڪ ڏينهن اڳ ڳوٺ عارف شر جي رهواسين 11 ورهين جي نينگري کي مبينا طور پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ جا الزام لڳائيندي چيو هو ته وڏيري نينگري جو زبردستي نڪاح ڪرائي ڇڏيو آهي، نينگري شازيه ڌيءُ طالب حسين جي وارثن   شاهپورچاڪر پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته الزام بي بنياد آهن، مخالفن اسان جي برادري جا ماڻهو آهن، اهي اسان جي ڌيءُ کي اغوا ڪرڻ ڇاهين ٿا، ٻي طرف نينگري شازيه ٻڌايو ته  منهنجي پنهنجي مرضي ۽ والدين جي رضا خوشي  سان مڱڻي ٿي آهي، ڪنهن به مون تي دٻاءُ نه وڌو، نه پئسا ورتا آهن.