لاهور (اسپورٽس نيوز) لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف شاندار ڪارڪردگي تي پاڻ کي مليل پلاٽ ساٿي ڪرڪيٽر جلات خان کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو آهي. 21 هين فيبروري تي ڪراچي ۾ ٿيل ميچ ۾ لاهور قلندرز، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 63 رنسن تان شڪست ڏني جنهن ۾ مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڪپتان شاهين شاهه جي نالي رهيو جنهن ٽين وڪيٽون وٺڻ سان گڏ شاندار ڪيچ پڻ ڪيا.پر ميچ کانپوءِ ڊريسنگ روم ۾ قلندرز جي مئنيجر ثمين راڻا اعلان ڪيو ته شاندار ڪاڪردگي جي بنياد تي شاهين کي قلندرز سٽي ۾ هڪ پلاٽ ڏنو وڃي ٿو. ثمين جي اعلان کانپوءِ قلندرز جي پوري اسڪواڊ تاڙيون وڄايون جڏهن ته شاهين سڀني کي خاموش ڪرائيندي چيو ته مان اِهو پلاٽ جلاس خان کي تحفي ۾ ڏيان ٿو. شاهين جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن تي واهپيدار سندس اهڙي عمل کي ساراهي رهيا آهن.