ڪراچي (اسپورٽس نيوز) شعيب اخر جي شاهين شاهه آفريدي تي تنقيد کانپوءِ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي ناٺي جي حمايت ۾ سامهون آيو آهي. شاهد آفريدي شعيب اختر جي بيان تي چيو ته اِهو ڪنهن به فاسٽ بالر لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو ته زخمي هئڻ باوجود کيڏي، شعيب ڪيئي انجيڪشن هڻائي چڪو آهي تنهنڪري هو اڄ هلي به نٿو سگهي. اڳوڻي ڪپتان چيو ته اِهو شعيب اختر جو ڪلاس آهي، هو چئي سگهي ٿو پر اِهو ڏاڍو ڏکيو مرحلو آهي، هر ڪو شعيب جيان نٿو ٿي سگهي. شعيب اختر هڪ تازي انٽرويوءَ ڳالهائيندي چيو هوته شاهين شاهه آفريدي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ دوران انتهائي اهم موقعي تي پنهنجو اوور مڪمل نه ڪري پاڪستان لاءِ هيرو بڻجڻ جو بهترين موقعو وڃائي ڇڏيو.