لاهور(اسپورٽس نيوز) ليفٽ آرم فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ قومي هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ پي سي بي ميڊيڪل اسٽاف سان گڏ پنهنجو ري هيب شروع ڪندو. سومر جو صبح تي پاڪستان روانگي کان اڳ ميلبورن ۾ شاهين شاهه جو اسڪين ڪرايو ويو. پي سي بي ذريعن موجب پي سي بي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر نجيب سومرو اسڪين کي آسٽريلوي ماهر ڊاڪٽر پيٽر ڊي ايلسنڊرو کان راءِ ورتي. ڊاڪٽر چيو آهي ته اسڪين ۾ انجري جي ڪابه نشاندهي ناهي ٿي، وطن واپس اچي شاهين آفريدي ٻن هفتن جي ري هيب پروگرام ۾ شرڪت ڪندو.