لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽر شاهين شاهه آفريدي جو اپنڊڪس جو ڪامياب آپريشن ٿيو آهي، جنهن بعد سندس حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي. آپريشن جي ڪري شاهين شاهه آفريدي انگلينڊ خلاف هوم سريريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي. نامياري ڪرڪيٽر کي طبعيت جي خرابي جي ڪري اسلام آباد جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي ڊاڪٽرن فوري طور سندس آپريشن جي صلاح ڏني. ڪالهه ٽوئيٽر تي اسپتال مان پنھنجي تصوير شيئر ڪندي شاهين شاهه چيو ته سندس آپريشن ڪامياب رهيو ۽ هاڻي هو بهتر محسوس ڪري رهيو آهي.