شاهينن جا پر ڪٽجي ويا: ٻي ٽي 20 ۾ زمبابوي هٿان پاڪستان کي بدترين شڪست: سيريز برابر

0
331

هراري (اسپورٽس نيوز) شاهينن جا پر ڪٽجي ويا، ٻي ٽي 20 ۾ زمبابوي هٿان پاڪستان کي بدترين شڪست، ان ڏس ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ زمبابوي پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 119 رنز جو هدف ڏنو، پاڪستان جي سموري ٽيم 19.5 اوورن ۾ 99 رنز ٺاهي ڍير ٿي وئي. هراري ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي زمبابوي کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني. زمبابوي طرفان انگنز جي شروعات ڪمن هڪاموي ۽ برينڊن ٽيلر ڪئي، پر برينڊن 5 رنز ٺاهي فهيم اشرف جي بال تي آئوٽ ٿي ويو. زمبابوي جي سموري ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 118 رنز ٺاهيون. پاڪستان طرفان دانش عزيز ۽ محمد حسنين 2-2 جڏهن ته فهيم اشرف، عثمان قادر، راشد اقبال ۽ حارث رئوف هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ پاڪستان جي سموري ٽيم 19.5 اوورن ۾ 99 رنز ٺاهي بدترين شڪست پنهنجي کاتي ۾ لکرائي. پاڪستان جا رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا، جن ۾ فخر زمان، محمد حفيظ، آصف علي، فهيم اشرف، عثمان قادر، حارث رئوف ۽ ارشد اقبال شامل آهن. واضح رهي ته 3ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز 1-1 تان برابر ٿي وئي آهي، آخري ۽ فيصلائتي ميڇ 25 اپريل تي کيڏي ويندي، جنهن بعد 2 ٽيسٽ ميچز جي سيريز ٿيندي.