اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي آزادي بعد اڊيالا جيل ٻاهران حراست ۾ وٺي ٻيهر نظربند ڪيو ويو آهي، شاهه محمود قريشي کي ٿري ايم پي او تحت 15 ڏينهن لاءِ اڊيالا جيل ۾ نظربند ڪيو ويوآهي، شاهه محمود قريشي جي نظربندي جي منظوري سي پي او راولپنڊي ۽ ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪاميٽي جي سفارش تي ڏني وئي، ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي حسن وقار چيما شاهه محمود قريشي جي نظربندي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي