ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته مخدوم شاهه محمود قريشي  پي ٽي آءِ پاڪستان جي نالي سان نئين پارٽي ٺاهيندو، انهي نئين پارٽي سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي ڪنهن کي اعتراض نه ٿيندو، متحده پاڪستان انهي جو واضح مثال آهي، هوڏانهن  ڪراچي  جي ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو ڪالهه گورنر هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪري اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آڻڻ، ڪيميرائن ذريعي مانيٽرنگ سسٽم جي بهتري ۽ ڪميونٽي پوليسنگ کي وڌيڪ ھٿي ڏيڻ بابت آگاهي ڏني، گورنر کيس چيو ته عيد لاءِ لڳل چوپائي مال جي منڊي جي سڪيورٽي وڌائي وڃي، هوڏانهن گورنر سان آءِ ٽي ماهرن ضياءَ ۽ دانيال ناگوري، زبير نصير ۽ جي ڊي سي جي سربراهه ظفر عباس ملاقاتون ڪيون.