بهاولپور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي چيو آهي ته مان ته شاهه محمود قريشي سان ملڻ آيو هئس مونکي به گرفتار ڪيو ويو. بهاولپور ۾ جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتاري ڏيندڙ اعظم سواتي ۽ محمد احمد مدني جو طبي معائنو ڪيو ويو. محمد احمد مدني کي طبي معائني کانپوءِ سينٽرل جيل پهچايو ويو جڏهن ته اعظم سواتي کي ڊسٽرڪٽ جيل رحيم يار خان روانو ڪيو ويو. ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم سواتي چيو ته منهنجو نالو جيل ڀريو تحريڪ جي ويٽنگ لسٽ ۾ هو ۽ مان شاهه محمود قريشي سان ملڻ آيو هئس، مونکي به گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته منهنجي عمر 76 سال آهي ۽ گرفتاري غيرقانوني آهي.