شاهه لطيف 1689 ۾ ڄائو يا 1690 ۾؟ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ شاگردن کي مُنجهائي وڌو

0
623
شاهه لطيف 1689 ۾ ڄائو يا 1690 ۾؟
شاهه لطيف 1689 ۾ ڄائو يا 1690 ۾؟ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ شاگردن کي مُنجهائي وڌو

ميرپور ماٿيلو: سنڌ جو سرموڙ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1689ع ۾ جنم ورتو هو يا 1690 ۾؟ ان بابت سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ وارا به اڻڄاڻ بڻيل آهن. سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي نصاب ۾ شاهه عبداللطيف جي پيدائش وارو سال الڳ الڳ ڄاڻايو ويو آهي

نائين درجي جي انگريزي واري مضمون ۾ ڀٽائي جي پيدائش جو سال 1689 بيان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نائين درجي جي سنڌي مضمون ۾ پيدائش جو سال 1690 ڄاڻايو ويو آهي. هڪ ئي درجي جي نصاب وارن ٻن ڌار ڌار مضمونن ۾ لاکيڻي لطيف جي پيدائش جا الڳ الڳ سال ڄاڻائڻ تي رڳو شاگرد ئي نه پر استاد ۽ ساڃاهه وند به پريشان آهن

سنڌ جي شاگردن، استادن ۽ ساڃاهه وندن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کي ان سلسلي ۾ فوري طور وضاحت پيش ڪرڻ گهرجي ۽ غلطين کي درست ڪري نوان ڇاپا جاري ڪرڻ گهرجن