خيرپور (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي اسڪالرشپ  جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب ٿي گذري. يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽي بي ايس، ايم ايس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن جي اسڪالرن ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽي چيڪ وصول ڪندڙن تي زور ڀريو ته هو اسڪالرشپ جو درست استعمال ڪن ۽ پنهنجون توانائيون معياري تحقيق لاءِ وقف ڪن.