ڄامشورو (رپورٽر) آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جي گڏجاڻي مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٿي، عهديدار چونڊيا  ويا. آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊرشن جو چيئرمين شاهه لطيف يونيورسٽي جي ملازم اڳواڻ قلندر بخش بوزدار، سينيئر وائيس چيئرمين شڪيل احمد چانڊيو قائد عوام يونيورسٽي لاڙڪاڻو، وائيس چيئرمين ذوالفقار رستماڻي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، جنرل سيڪريٽري علي محمد شورو مھراڻ يونيورسٽي، جوائنٽ سيڪريٽري سيد نجف علي شاهه پمس يونيورسٽي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سعيد احمد لاشاري لمس يونيورسٽي، خزانچي اي ڊي ناريجو گمبٽ ميڊيڪل يونيورسٽي خيرپور ميرس کي چونڊيو ويو، گڏجاڻي ۾ سڄي سنڌ جي يونيورسٽين جا پورھيت ملازم اڳواڻن شرڪت ڪئي جڏھن ته يوينورسٽين ۾ پيش ايندڙ مسئلن تي به ڳالھايو ويو ۽ گڏيل جدوجھد ھلائڻ لاءِ پڻ لاعمل جوڙيو ويو.